; سنڌي شخصيتون: سيد ميران محمد شاهه (اول) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد ميران محمد شاهه (اول) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سيد ميران محمد شاهه (اول) [ 1829ع – 1892ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سيد ميران محمد شاه (اول) ولد سيد محمد شاه، 12 صفر المظفر 1245 هه مطابق 29 آگسٽ 1829ع تي ضلعي حيدرآباد، تعلقي گونيءَ جي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ڄائو. سندس جد- امجد سيد امير علي شاه، تيمورلنگ سان گڏجي، سنڌ جي مٽيارن ۾ اچي آباد ٿيو. جتان ٻارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ لڏي ٽکڙ وڃي وسايائين.
 
سندس خاندان مان، سيد محمد شاه ڪامل بزرگ، حاذق حڪيم ۽ فارسي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. سندس لائق فرزند، سيد ميران محمد شاه فارسي، عربي، هندي ۽ سنڌي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکندو هو – 1854ع ۾ بي – اي ۽ 1857ع ۾ ايل ايل – بي جون سندون ورتائين. پاڻ نهايت ئي اورچ انسان هو ۽ طب جي سکيا پنهنجي وڏن ورتي هئائين. انگريزن جي اوائلي زماني ۾ وائسراءِ جو مير منشي، پوءِ حيدرآباد ۾ سيشنس جج جي آفيس ۾ سرشتيدار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت بعد ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ به بڻيو.
آخر تجربي جي آڌار تي سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين، ستن سالن جي انهيءَ لڳاتا مشق بعد، خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي اسرار تي وڪالت ڇڏي، حڪمت ڪرڻ لڳو. خدا وند سندس هٿ ۾ وڏي شفا رکي هئي، جنهن ڪري لاعلاج مريض به وٽائنس نو بنا ٿي نڪتا. صوم صلوات جو پابند ۽ پڪو سني مسلمان هو.
واندڪائيءَ جي وقت ۾ مطالع ۾ مشعول رهندو هو. آخر دوستن جي چوڻ تي ڪتاب به لکڻ شروع ڪيائين. سندس ٽي تصنيفات : ”سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو جي ڳالهه“، ”مفيد الصبيان“ (1861ع آکاڻيون) ۽ ”آڪاشي نروار“ (1867ع، مضمون ملن ٿيون.
جيتوڻيڪ ميران محمد شاه جو تعلق ”مٽيارن“ سان هو، ان ڪري سندس عبارت به ٺٽوي بزرگن جيان معلوم ٿئي ٿي. زبان با محاورا ۽ آسان استعمال ڪئي اٿس. البته لاڙ جي لهجن ۽ تشبيهن سببان، اڄ اسان کي دفيق ٿي محسوس ٿئي ۽ ڪيترن ئي لفظن جو ته مفهوم به نرالو پيو نظر اچي. سندس سموري تحرير عربي – سنڌي صورتخطيءَ تحت آهي – 1889ع ڌاري حج بيت الله شريف جي زيارت به ڪيائين. واپسيءَ تي، ذيابيطس جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو. آخر 12 شوال 1309 هه مطابق 9 نومبر 1892ع تي خدا کي پيارو ٿي ويو.
(1) – صوفين جي عقيدي مطابق: شروعات ۾ جڏهن الله تعاليٰ روح پئدا ڪيا هئا، تڏهن روحن کي مخاطب ٿي ”الست بربڪم“ (ڇا ! مان توهان جو رب نه آهيان !!) جو وعدو فرمايو هئائين روحن بر وقت ”قالو بليٰ“ (هائو) چيو. انهيءَ کي صوفي لغت ۾ ”الست جو عهد“ يا ”ميثاق“ چوندا آهن.
(1) – مذڪوره ڪتاب 1855ع ۾ لکيائين، جيڪو پنڊت بنسي ڌر جي اصل لکيل نصيحت آموز هندي قصي ”ڪيڌي ۽ سيڌي“ جو آسان سنڌي زبان ۾ ترجمو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، سه ماهي ”مهراڻ“ ( 1 – 1959ع ۾ ) ، سنڌي زبان ۾ هن بنيادي حيثيت رکندڙ ڪتاب کي ٻيهر شايع ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا