; سنڌي شخصيتون: هارون رند - سيد يار محمد شاهه

04 June, 2012

هارون رند - سيد يار محمد شاهه


هارون رند
سنڌي اداڪارن کي عالمي مڃتا ڏياريندڙ
سيد يار محمد شاهه
ڪراچي ٽيليويزن جي سنڌي اردو ڊرامه سيريل يا سولو ڊرامي جي تاريخ اٿلائي پٿلائي ڏسبي ته هڪڙو ئي نالو اسانجي سامهون بار بار ايندو، اهو آهي مرحوم هارون رند صاحب جو. جنهن جي صلاحيتن سان سنڌي ڊرامه، اردو ڊرامه، سنڌي فنڪار، رائيٽر ۽ سنڌ جي ريتن رسمن کي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ ملي .

هارون رند صاحب جي سپرهٽ سيريل ”ديوارين“، جيڪا اڃا صرف سنڌيءَ ۾ ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ جي نالي سان نشر ٿي رهي هئي، انهن ڏينهن ۾ لاهور جي سپر هٽ سيريل ”وارث“ کي پي ٽي ايوارڊ سان نوازيو پي ويو، ته ان وقت پنجاب جي مشهور صحافي احمد سليم ”وارث“ جي ڪارڪردگي تي هن ريت تبصرو لکيو هو ته ”اگر سنڌي ڊرامه سيريل ”راڻي جي ڪهاڻي“ کي اردو ۾ نشر ڪيو وڃي ته ماڻهو پي ٽي وي انتظاميه کان ڊرامه ”وارث“ جو حساب وٺندا.“ واقعي ٿيو به ائين، جڏهن ”راڻي جي ڪهاڻي“ ”ديوارين“ جي نالي سان اردو ۾ نشر ٿيو ته؛ هر طرف چوٻول مچي ويو. پاڪستاني ۽ هندوستاني فلمن جا شو ناڪام ٿيڻ لڳا، روڊ بلاڪ ٿي ويندا هئا، سنيمائون ويران ٿيڻ لڳيون، هر اردو ڳالهائيندڙ فخر پيو محسوس ڪندو هو. ”اڙي بابا! هم تم ڪو بولتا هي“ ڳالهائيندي خوشي پيا محسوس ڪندا هئا، ”ديوارين“ ڊرامه جي سنڌي فنڪارن کي ڪڏهن ايڏي پذيرائي نه ملي هئي. اهي هر اخبار، هر رسالي ۾ ڇپجڻ لڳا. انٽرويو ڏيڻ لڳا، هر طرف ڊرامه سيريل ”ديوارين“ جي فنڪارن، منصور بلوچ، يوسف علي، محمود صديقي، نور محمد لاشاري، شهزادي، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي، فريد نواز بلوچ، سڪينه سمون، گلاب چانڊيو، منظور مراد، شهباز دراني، قربان جيلاني ۽ ان وقت جا تمام سنڌي فنڪار ان ڊرامي جي ذريعي اردو ڊرامن ۾ بڪ ٿيڻ لڳا.
هارون رند ان کان اڳ به جيڪي سنڌي ڊرامه پروڊيوس ڪيا هئا انهن ۾ به هن وڏي محنت ڪئي هئي، جيئن فيض ٻگهيو ٻين دوستن سان گڏ منهنجي اشرف اسڪوائر واري فليٽ تي روزانه شام جو ايندو هو. هارون رند، مرحوم محمود صديقي ۽ منصور بلوچ به روزانه شام جو ”ديوارين“ جي اسڪرپٽ تي گڏجي ڪم ڪندا هئاسين. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ اسان ”چهچٽي“ جا وڏا مسخرا مڃيا پي وياسين ۽ اسانجو مزاحيه خاڪن جو پروگرام گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مشهور هو. ان وقت پروڊيوسرن جي به هڪ هٽي هوندي هئي. جيڪو منظور قريشيءَ جي سيريل ۾ ڪم ڪري رهيو هوندو هو اهو وري هارون رند جي ڊرامي ۾ ڪم نه ڪري سگهندو هو. ان ڪري آئون هنن جي تخليقي مرحلي ۾ ڏينهن رات گڏ هوندو هوس، پر ڊرامي ۾ ڪم نه پي ڪيم. جڏهن ”چهچٽو“ ختم ٿيو. منظور قريشي اسلام آباد بدلي ٿي ويو ته نور الهديٰ شاهه جي سيريل ”جنگل“ جون تياريون شروع ٿي ويون. انهن ڏينهن ۾ مرحوم يوسف علي، هارون رند صاحب جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو هو. هڪ ڏينهن هارون صاحب ۽ يوسف علي مون وٽ آيا ۽ مونکي چيائون ته؛ ”هڪ ڪردار جيڪو گلاب چانڊيو ڪري رهيو هو، ان جي پروڊيوسر اقبال لطيف سان  تلخ ڪلامي ٿيڻ جي ڪري پي ٽي وي انتظاميه هن تي ڪم ڪرڻ جي بندش وجهي ڇڏي آهي، تنهن ڪري اهو ڪردار تون ڪر.“
مون جواب ڏنو ته؛ ”منهنجو ته ڪو اهڙو مثال ئي موجود نه آهي جو آئون ڪنهن دوست فنڪار جو ڇڏيل يا ڪنهن کان ڦريل ڪردار ڪريان، ان ڪري مان معذرت ڪندس.“
نيٺ ٻنهي اهو چئي قائل ڪيو ته؛ ”گلاب جو صلح ٿي ويندو. ان کي ٻئي ڪردار لاءِ راضي به ڪري ڇڏيو اٿئون، پر اهو مرحلو هفتي کن کان پوءِ ايندو. اسانجي ريڪارڊنگ رڪجي وئي آهي.“
مون ساڻن ها ڪئي ۽ ڊرامي جنگل ۾ هارون رند صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ساڻس ڪم ڪرڻ جو اهو پهريون مرحلو هو. حالانڪ اسان جي دوستي گهري هئي. هر ڇنڇر تي آئون ساڻس گڏ ايندو هوس. کيس ڪوٽڙيءَ ۾، سندس گهر ۾، ڊراپ ڪري مٽياري ايندو هوس ۽ وري سومر جي صبح جو کيس کڻي، ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي پهچائيندو هوس. ان کان علاوه سندس آفيس ۾ يا وري منهنجي فليٽ تي سوين سبجيڪٽ ڊسڪس ڪندا هئاسين.
”جنگل“ ۾ منهنجي ڪردار ”ڇوٽي سائين“ کي وڏي پذيرائي ملي. ان کان علاوه دوستيءَ جو دائرو به وسيع ٿي ويو هو. محمود صديقي، منصور بلوچ، يوسف علي، عثمان پيرزادو ۽ زاهد معصومي اسانجي چوياري ڏينهن رات گڏ هوندي هئي. هارون صاحب ”ديوارين“ وانگر ”جنگل“ کي هڪ نيچرل ڊرامو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ سندس ٽي مزاحيه سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ جيڪو پڻ سنڌيءَ ۾ ”خانصاحب“ جي نالي سان بي انتها شهرت ماڻي چڪو هو، اهو ڊرامو به ”ديوارين“ جي رائيٽر عبدالقادر جوڻيجو جو لکيل هو، ان ۾ به يوسف علي خانصاحب جو خوبصورت ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته ٻين ۾ نور محمد لاشاري، صلاح الدين تنيو، منظور مراد، انور سولنگي، سڪينه سمون، رشيد صابر ۽ ان دور جا سڀ فنڪار شامل هئا.
اهڙيءَ طرح هارون رند صاحب سوين ڊرامه پروڊيوس ڪيا ۽ سنڌ جي خوبصورتي ۽ سنڌ جي ثقافت کي خوبصورت طريقي سان متعارف ڪرايو. هارون رند جي صلاحيتن جو اعتراف اڄ به ٽيليويزن ميڊيا جو هر فرد ڪري ٿو. مون آخر ۾ ”مهراڻ ٽاڪيز“ نالي سان ساڻس سنڌي فلمن جو معلوماتي پروگرام 26 قسطن تي مشتمل پيش ڪيو، جيڪو پڻ هڪ تاريخي پروگرام هو. هارون رند هر اسڪرپٽ تي گهرائي سان غور و فڪر ڪندو هو. ”مهراڻ ٽاڪيز“ لاءِ هر سنڌي فلمساز، موسيقار، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار جي گهر هلي معلومات وٺڻ، تصويرون حاصل ڪرڻ، ان بابت ماهرن جي راءِ معلوم ڪرڻ شامل هو. “مهراڻ ٽاڪيز“ سنڌي فلمن جي معلومات جو اهم تاريخي دستاويز آهي، جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ سنڌ ثقافت کاتي وارا، ان دستاويز يعني اسڪرپٽ کي ڇپرائين ته ثقافت جو اهو اهم دستاويز محفوظ ٿي ويندو.
بھرحال اها به حقيقت آهي ته اسان جي ڌرتيءَ-ڄائو هارون رند مرحوم، جيڪڏهن سنڌي رائيٽرن ۽ فنڪارن کي کڻي، ”ديوارين“، ”جنگل“ ۽ ”ڇوٽي سي دنيا“ نه ٺاهي ها ته سنڌي فنڪار منصور بلوچ، محمود صديقي، شفيع محمد شاهه، سڪينه سمون، گلاب چانڊيو، منظور مراد، نور محمد لاشاري، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي، شهزادي، ممتاز ڪنول، صلاح الدين تنيو، نواب مهدي، نور الهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجو اردو شوبز ۾ نه اچي سگهن ها ۽ نه وڏا فنڪار ۽ رائيٽر ٿي سگهن ها.

No comments:

راءِ ڏيندا