; سنڌي شخصيتون: رام جوهراڻي - زيب سنڌي

13 April, 2015

رام جوهراڻي - زيب سنڌي

رام جوهراڻي
سندس ٻه شاندار ڪتاب
زيب سنڌي
لاڙڪاڻو علم، ادب، سياست ۽ تاريخ جي حوالي سان پنهنجو مثال بس پاڻ ئي آهي. رام سچانند جواهراڻيءَ جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر رتيديري سان آهي، جتان جو مِٺو مائو به مشهور آهي ته ڪي مِٺا ماڻهو به. 7 ــ ڊسمبر 1947ع تي رتيديري جي زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ رام جواهراڻيءَ جي خاندان جڏهن سنڌ مان هند طرف لڏيو ته هو انتهائي ننڍڙو ۽ بي سمجهه ٻار هو. هن لکيو آهي ته، “منهنجي گهر وارن جڏهن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، تڏهن مان اڃا بانبڙا مس پائيندو هوس…” پر هند ۾ رهندڙ رتيديري واسي رام جواهراڻي اڄ ممبئيءَ جو هڪ ناموَر ماڻهو آهي.


هن هڪ براڊڪاسٽر، ليکڪ ۽ اسڪالر جي حيثيت سان ته پاڻ مڃايو آهي، پر هو سماجي ڪمن ۾ به اڳ-ڀرو رهيو آهي.
هن 1985ع ۾ سهيوڳ فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ سندس اها تنظيم هاڻي بين الاقوامي سطح تي سڃاتي وڃي ٿي. ساڳئي وقت هو گلوبل سنڌي ڪائونسل ۽ سنڌي ساهتيا اڪيڊمي سان به لاڳاپيل رهيو آهي ته هيلپنگ هينڊ چيئر ٽيبل ٽرسٽ جو وائيس چيئرمين به. مدر ٽريسا انٽرنيشنل اوارڊ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين طور به ذميواريون نڀايون اٿائين ته ٻين به ڪيترين علمي، ادبي، نشرياتي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن جي پليٽفارمز وسيلي به لڳاتار ڪم ڪندو رهيو آهي.
هي متحرڪ شخص نه فقط هڪ وڏو بزنيس مين ۽ سلڪ ملس جو مالڪ به آهي، پر سندس علم ۽ ادب جي پياس جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، هڪ وڏو واپاري ۽ صنعتڪار هجڻ باوجود هن ممبئي يونيورسٽيءَ منجهان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هن نامياري ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر جا سنڌيءَ ۾ نهايت شانائتا ٻه ڪتاب “سنڌي سرويچ” ۽ “رام پنجواڻي ــ اديب ۽ فنڪار” ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته Global Sindhis جي نالي سان سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
براڊڪاسٽنگ رام جواهراڻيءَ جي سڃاڻپ جو هڪ وڏو حوالو آهي. هو دور درشن ٽيليويزن تان ڪيتري عرصي کان  دنيا جي نامور سنڌي شخصيتن جا انٽرويوز ڪندو رهيو آهي. هن وقت تائين هو علم، ادب، آرٽس، صنعت ۽ واپار کان وٺي سماج جي ٻين ڪيترن شعبن سان لاڳاپيل هڪ سؤ کان وڌيڪ شخصيتن جا انٽرويوز ڪري چڪو آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي هن وٽ انٽرويو ڪرڻ جو آرٽ آهي. جنهن ڪري هو جنهن به شخصيت جو انٽرويو ڪري ٿو، اها شخصيت ڪنهن کُليل ڪتاب جيان سامهون اچي ٿي وڃي. هن ڪيترن ٽيليويزن انٽرويوز کي ته ڪتابي صورت به ڏئي ڇڏي آهي. رام جواهراڻيءَ جي ڪتاب  ڪتاب “سنڌي سرويچ” ۾ ۳۶ نامور سنڌي شخصيتن جا انٽرويوز آهن. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ  Global Sindhis جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
رام جواهراڻي صاحب جو ٻيو شانائتو ڪتاب آهي “رام پنجواڻي ـــ اديب ۽ فنڪار”. هي ڪتاب رام جواهراڻيءَ جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا هن پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي نگرانيءَ ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي موجوده چيئرمين ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ لکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ ۽ مٺي آواز وارو فنڪار رام پنجواڻي هونءَ ته ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، پر رام پنجواڻي جي نالي ڀائي، رام جواهراڻيءَ هن ڪتاب وسيلي سندس اثرائتو ۽ دل کي ڇُهندڙ تعارف ڪرايو آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ليکڪ ۽ فنڪار جي خدمتن جو حق ادا ڪيو آهي. عام طور تي پي ايڇ ڊي جون ٿيسز خشڪ هونديون آهن، جن کي ادب جا عام پڙهندڙ ناهن پڙهندا، پر تحقيق جي دائري ۾ هوندي به سچ ته هي ٿيسز ڪنهن ناول کان وڌيڪ دلچسپ محسوس ٿئي ٿي. لاڙڪاڻي شهر سان ئي تعلق رکندڙ رام پنجواڻيءَ جي فن، ادب ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي رام جواهراڻي ائين ڇُهندو ويو آهي، جيئن ننڍڙو ٻارُ گُلن کي ڇُهندو گذري وڃي.
آغا سليم صاحب رام جواهرڻيءَ جي ڪتاب “سنڌي سرويچ” جي فليپ تي لکيو آهي ته، “هن دور درشن چينل لاءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا انٽرويو ورتا هئا، جن جو انگريزي ترجمو هن ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو هو. ڪتاب جي ارپنا تي نظر پيئي، جنهن کي پڙهڻ سان ئي هانءُ هُٻڪارجي ويو! رام پنهنجو ڪتاب پنهنجي والده کي ارپيو هو، جنهن کيس نصيحت ڪئي هئي ته: زندگيءَ ۾ هميشھ گل ورهاءِ، گلن جي خوشبو تنهنجي هٿن ۾ رهجي ويندي!”

سچ ته جواهراڻي صاحب جي هٿن جي خوشبو سندس ڪتابن مان به محسوس ٿئي ٿي، جيڪي نه فقط مواد جي حوالي سان نهايت ڪارائتا ۽ بيحد دلچسپ به آهن، پر ساڳئي وقت Book Production جي لحاظ کان به سنڌي ادب جا مثالي ڪتاب آهن. اهڙا سهڻا ڪتاب، جن کي ڪتابن سان پيار ڪندڙ ماڻهو، پڙهڻ کان پهرين هٿن ۾ کڻڻ سان ئي خوشي محسوس ڪري ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا